رات جا نيڻ

رات جا نيڻ

رات جا نيڻ

رات جا نيڻ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار غلام نبي مغل جي ڪهاڻين جو ٻيو نمبر مجموعو آهي. ’رات جا نيڻ‘ ڪتاب ۾ غلام نبي مغل جون 13 ڪهاڻيون شامل آهن، جن جا سِرا هن ريت آهن: رات جا نيڻ، جي رُلن ٿا پرينءَ ڪاڻ، يار اسان جا ڀاڳ، اندر جا اڌما ۽ روح جي رڙ، منهنجي ڪهاڻي، سهڻو سور، دل جا ڪيئي رنگ آهن، تِر، آدم جو گناهه، سمنڊ ۽ سونهن، موڙ، دل جا داغ ۽ ريشمي وار. ڪتاب جو پيش لفظ نامور اديب، پبلشر ۽ ڪهاڻيڪار طارق اشرف لکيو آهي. اٺن ڪهاڻين جو سندس پهريون مجموعو 1964ع ۾ نڪتو هو، ان جي مقابلي ۾ هن مجموعي ۾ ڪهاڻين جو تعداد وڌيڪ آهي. هن مجموعي ۾ جت مغل جي شاهڪار ڪهاڻي ’رات جا نيڻ‘ ۽ ٻه ٽي ٻيون تمام سٺيون ڪهاڻيون ’جي رلن ٿا پرينءَ ڪاڻ‘، ’يار اسان جو ڀاڳ‘ ۽ ’دل جا ڪيئي رنگ‘ شامل آهن، اتي سندس ڪي رواجي قسم جون ڪهاڻيون به پڙهڻ لاءِ ملنديون. ان جي باوجود به سندس رواجي ڪهاڻين ۾ ڪانه ڪا اهڙي ڳالهه ضرور موجود آهي، جو گھڻن جي سٺين ڪهاڻين کان هي رواجي ڪهاڻيون مٿانهون درجو رکن ٿيون.
هي ڪرائون سائيز جو 140 صفحن تي مشتمل ڪتاب ’اداره ادب نو، حيدرآباد‘ مارچ 1969ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جي قيمت سادي پني سان 2 روپيا ۽ اوچي پني سان چار روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو